ناميارو اديب امر جليل

ناميارو اديب امر جليل

امر جليل

امر جليل: سنڌي ٻوليءَ جو مشھور ڪھاڻيڪار، نثر نويس، ڪالم نگار ۽ ٽي ويءَ جو ڊرامانگار، امرجليل 8 نومبر 1936ع تي سنڌ جي مشھور شھر روهڙيءَ ۾ ڄائو. سندس اصل نالو عبدالجليل ولد عبدالغني قاضي آهي. پاڻ ابتدائي تعليم، ڪراچيءَ جي رتن تلاءُ پرائمري اسڪول مان ورتائين. وڌيڪ بي. اي. تائين تعليم نوابشاهه مان ورتائين. پوءِ ٻيھر ڪراچي آيو ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان اقتصاديات ۾ ايم. اي ڪيائين. ان کان سواءِ ايم. اي هسٽري به آهي. ان دوران هن ڪرڪيٽ راند ۾ به نالو ڪڍيو. هن کي ننڍپڻ کان ئي لکڻ جو چاهه هو. 1956ع ۾ سندس پھرين ڪھاڻي ”اندرا“ جي عنوان سان نوابشاهه مان نڪرندڙ سنڌي رسالي ”ادا“ ۾ ڇپي. 1963ع ۾ سندس پھريون اسٽيج ڊراموانسان“، ”نئشنل ٿيئٽر، ڪراچيءَ ۾ پيش ڪيو ويو. هن جو ريڊيو لاءِ لکيل پھريون ڊرامو ”درياءُ توتي دانھن“ 1967ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ڪيو ويو. 1968ع ۾ هن جي پھرين لکيل فلم ڪھاڻي ”نوري ڄام تماچي“ هئي. ”تنھنجون منھنجون ڳالهيون“ جي عنوان سان سندس پھريون اخباري ڪالم 4 مئي 1972ع تي روزاني هلال پاڪستان ۾ ڇپيو. ساڳئي نالي سان سندس ڪالمن جو مجموعو پڻ ڇپيل آهي. ان کان سواءِ سندس ڪالمن جو ٻيو مجموعو ”سنڌو منھنجي ساهه ۾“ پڻ ڇپيل آهي. سندس اردوءَ ۾ پھريون ڪالم ”ڪڇ سچ ڪڇ جهوٽ“ اپريل 1974ع ۾ هفتيوار ”الفتح“ ۾ ڇپيو. سندس ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ”دل جي دنيا“ آهي، جيڪو پھريون دفعو 1968ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جا ڪيترا ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. اهو ڪتاب ٻين ٻولين ۾ به ترجمو ٿيو آهي. امر جليل کي ان ڪتاب تي ادبي انعام به مليل آهي. ان کان علاوه، فلسفي، تاريخ، سياست ۽ ڪھاڻي جي موضوع تي ڪيترائي مجموعا ڇپيل آهن، جن ۾: (1) ’جڏهن مان نه هوندس‘ (ڪھاڻيون: 1971ع)، (2) ’تاريخ جو ڪفن‘ (ڪھاڻيون: 1983ع)، (3) ’ٽيون وجود (ڪھاڻيون: 1986ع)، (4) ’منھنجو ڏس آسمان کان پڇو‘، (5) ’رني ڪوٽ جو خزانو‘ (ڪھاڻيون: 1988ع)، (6) ’جيجل ماءُ‘، (7) امر جليل جون اوائلي ڪھاڻيون، (8) ’چنڊ وسامي ويو‘ (1998ع)، (9) چيني ۽ چرٻٽ جون ڪھاڻيون‘، (10) ’ادب ۽ سياست‘ (2010ع)، (11) ’سنڌ نامو‘ (2011ع)، (12) ’هيءَ منھنجي سنڌ ته ناهي‘، (13) ’فدا حُسين ڦودني، ڌڻي بخش ڌني ۽ ڦندڻ جا ڪالم‘، (14) ’سنڌو بقا مان فنا آهيان‘ (2013ع)، (15) ‘آڏي پڇائن ۾‘ (آتم ڪٿا: 2013ع)، (16) ’منھنجي نصيبن ۾ تون نه آهين‘ (ڪالم: 2014ع)، (17) ’قانون جو ڪفن‘ (2015ع)، (18) ’امر جليل نمبر‘ (ترتيب: سليم ميمڻ 2015ع)، (19) ’ڪراڙو گدڙ‘ (2015ع) ۽ (20) ’زوال جو عڪس‘ (2015ع)، (21) ’جمود‘ (2015ع)، (22) ’انڪار‘ (2016ع)، (23) ’اڪ دور ڪي ان ڪھي ڪھاني‘ (اردو: 2019ع)، (24) ’لاشعور ڪي سرحد‘ (اردو افسانا: 2019ع) وغيره شامل آهن. هر مجموعي جا ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا اٿس. هن جي ناول ”نيٺ گونگي ڳالهايو“، جنھن جون 10 هزار کان وڌيڪ ڪاپيون وڪرو ٿيون. امر جليل جي تحرير جو اسلوب بيان نھايت دلڪش ۽ بي مثال آهي.“ امر جليل پنھنجين تخليقن جي سلسلي ۾ ڪيترائي انعام، اعزاز ۽ اوارڊ حاصل ڪري چڪو آهي. جن مان خاص هي آهن، پرائيڊ آف پرفارمنس اوارڊ، شاهه لطيف ايڪسيلينس اوارڊ، پاڪستان رائيٽرس اوارڊ (ٻه دفعا)، سنڌالاجي اوارڊ، بيسٽ پلي آف ڊڪيڊ اوارڊ، کل ڀارت سنڌي ساهت سڀا نيشنل اوارڊ (ڀارت). ماضيءَ ۾ پنھنجي انقلابي تحريرن سبب اڪثر ڪري حڪومت جي نظر ۾ معتوب رهيو آهي. امر جليل جو ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي ملازمت ڇڏڻ به ان سلسلي جي ڪڙي آهي، جتي پاڻ ريجنل مئنيجر هو. مشھور ’سھڻي‘ رسالو سندس ڪھاڻي ”سرد لاش جو سفر“ ڇپجڻ سبب، پابنديءَ هيٺ رهيو. سختين هوندي به امر لکڻ نه ڇڏيو. ٽي ويءَ تان سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ڊراما پڻ چڱي خاصي تعداد ۾ پيش ٿي چڪا اٿس. 27 سالن تائين اسلام آباد ۾ رهيو، جتي علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جي ”انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشنل ٽيڪنالاجيءَ“ جو باني ڊائريڪٽر رهيو. پاڻ ڪجهه وقت لاءِ انهيءَ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر به رهي چڪو آهي. انگريزي، اردو اخبار ۾ مسلسل ڪالم لکندو رهيو آهي. هڪ مختصر عرصي لاءِ سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جو، سال 1997ع ۾ چيئرمئن به رهيو. اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر پڻ رهيو آهي، کيس سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران ”لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ“ ڏنو ويو آهي. 29 جون 2008ع تي شاهه لطيف چيئر ۽ ٻين ادارن پاران سندس مڃتا ۾ امر جليل جي لکڻين جي گولڊن جوبلي جي وڏي تقريب ڪراچيءَ ۾ ڪوٺائي وئي جنھن ۾ سنڌ جي اڪثر ادارن کيس مڃتا شيلڊون ڏنيون. سندس ڪھاڻين جو هڪ انگريزي ڪتاب انڊيا ۾ ڇپيو آهي، هاڻي مستقل طرح اسلام آباد ڇڏي، ڪراچيءَ جي ’ڪلفٽن‘ جي علائقي ۾ رهائش پذير آهي ۽ سنڌ ٽي ويءَ تان ’ڪلاس روم‘ نالي پروگرام ڪري ٿو. نامور محقق مختيار احمد ملاح، امر جليل جي ادبي سفر تي هڪ ڪتاب ”هڪ ليکڪ جو تخليقي سفر“ جي نالي ترتيب ڏئي ڇپايو آهي.


لفظ امر جليلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو